ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار پاران جيل سڌارن لاءِ عدليه، سول سوسائٽي، تعليم ۽ صحت جي ماھرن ، سرندي وارن تي مشتمل اوورسائيٽ ( نگران) ڪاميٽيون جوڙيون ويون، پرڳڻي جي 23 جيلن ۾ پرزن مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جولاءِ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، ڪالهه جيل سڌارن جي حوالي سان چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ۽ وفاقي محتسب طاهر شهباز جي گڏيل سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ جي سمورن جيلن ۾ اوور سائيٽ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته 23 جيلن ۾ پرزن مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جولاءِ ۾ شروع ڪيو ويندو، جنهن سان جيلن جي مانيٽرنگ ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتر ايندي، اجلاس ۾ جيل اختيارين ٻڌايو ته قيدين جي ويڪسينيشن شروع ڪئي وئي آهي. 4350 قيدين ۽ 1222 جيل عملي جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. جڏهن ته نون قيدين جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ هن وقت 18440 قيدي آهن جن ۾ 193 عورتون ۽ 175 ٻار آهن. ميرپورخاص جيل کي سينٽرل جيل جو درجو پڻ ڏنو ويو آهي. چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته ٺٽي ۾ هاءِ سيڪيورٽي جيل ٺاهي ويندي، جڏهن ته لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي کي 4 نون جيل ٺاهڻ لاءِ زمين ڏيڻ لاءِ چيو آهي. موجوده جيلن جي بحالي ۽ مرمت لاءِ هڪ ارب رکيا ويا آهن.