اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻن سالن ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي 17 سئو ارب رپيا ڏنا ويا، سنڌ جو اهو پيسو دبئي، ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ وڃي ٿو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري ملڪ جي سمورن مسئلن جو ذميوار پ پ ۽ نواز ليگ قيادت کي قرار ڏيندي چيو ته اسان جي نظام جو مسئلو ٻه خاندان آهن، ٻاهرين ملڪ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن، هڪ خاندان ۽ ٻيو دبئي، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ملڪيتون ٺاهي رهيو آهي، هي چون ٿا ته آمريت کي ملڪ تباهه ڪيو آهي، مسلسل 13 سال پ پ جي حڪومت باوجود سنڌ جو حال ڏسو، هن چيو ته ٻن سالن ۾ سنڌ صوبي کي 17 سئو ارب رپيا اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ ڏنا آهن، جڏهن ته گرانٽس جي مد ۾ فراهم ڪيل رقم ان کان علاوه آهي، ايڏي وڏي رقم ڪيڏانهن وئي؟ ڪراچي جي پنهنجي پوليس به ناهي، 1990ع کان سنڌ ۾ رينجرز ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جو پيسو لنڊن، دبئي، ڪيناڊا ۽ آمريڪا وڃي ٿو، هڪ خاندان لنڊن، ٻيو خاندان دبئي ۽ ڪيناڊا ۾ ملڪيتون خريد ڪري ٿو، بجيٽ جو پيسو اتي وڃي رهيو اهي، سنڌ ۾ 13 سالن کان پ پ اقتدار ۾ آهي، ايترو وقت ڪنهن آمر کي به نه مليو، جيترو پيسو سنڌ کي ڏنو ان سان ته شهر پيرس ٿي وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ دفاع جي بجيٽ ان حساب سان نه وڌائي آهي جنهن حساب سان ڀارت دفاعي بجيٽ وڌائي آهي، 7 سئو ارب رپيا پگهارن ۽ پينشنن جي مد ۾ رکيا آهن، 2008ع کان 2018ع تائين 26 هزار ارب رپين جا اڳوڻين حڪومتن قرض ورتا، هاڻي 2 هزار ارب هر سال انهن قرضن تي وياج جي مد ۾ ادا ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ 11 سئو کان ساڍا 11 سئو سيٽن تي اميدوار اليڪشن ۾ بيهارڻا آهن، پر مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي 400 کان 500 اميدوار به بيهارڻ جي قابل نه رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ تائين ۽ ن ليگ سينٽرل پنجاب جي پارٽي بڻجي وئي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ به عمران خان ڪامياب ٿيندو، ان ڪري اهي ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جو ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، نواز شريف، مريم نواز ۽ فضل الرحمان اسٽيڪ هولڊرز ناهن، چونڊ سڌارن تي پارلياماني ليڊرز ڳالهائن،ججن جي مقرري جي نظام ، عدالتن ۾ بينچن جي قيام جي نظام بابت مخالف ڌر ۽ حڪومت کي گڏجي ويهڻ گهرجي، افغانستان جي صورتحال بابت اسان کي سنجيدگي سان گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون علي نواز اعواڻ چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي 100 ارب ڏيون ٿا ته اتي 40 ارب رپيا لڳن ٿا، سنڌ حڪومت نااهل آهي، نالا به صاف نه ٿا ڪري سگهن، ڪتي کائڻ جي ويڪسين به ناهي، بلاول کي گڏهه نظر اچن ٿا، جن تي مريضن کي کڻي اسپتال سنڌ ۾ آندو وڃي ٿو، سنڌ هر سال 60 سيڪڙو ترقياتي فنڊ استعمال نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ ۾ ايڊز ڦهلجي رهي آهي. نواز ليگ جي احسن اقبال چيو ته هن حڪومت جي 3 سالن ۾ مسلسل مني بجيٽ اينديون رهيون، هن بجيٽ ۾ به ٽيڪس وصولين جو حدف غير حقيقي مقرر ڪيو ويو آهي، بجيٽ منظور ٿي ته بجلي، گيس مهانگي ٿيندي ۽ مهانگائي جي بدترين لهر ايندي، دنيا جو ڪو وزيراعظم اهڙو ناهي جيڪو پرڏيهه وڃي چوندو هجي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جيتري ٿئي ٿي اوتري دنيا ۾ ڪٿي نه ٿي ٿئي، هن چيو ته 3 سالن جي تباهي جو نتيجو آهي ته اڄ اسان ڪڻڪ ڪپهه کنڊ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، سي پيڪ جي صورت ۾ گولڊ مائن ڏنو ان کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻه مهينا اڳ حڪومتي پاليسي تي تنقيد ڪندڙ شوڪت ترين اڄ جنت جي تصوير پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي اهو ڪنهن حق ڏنو آهي جو هو چوي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام جي ضرورت ناهي، ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي پاڪستان جو ايٽمي هٿيارن جي ضرورت نه پوندي، ايٽمي پروگرام جو مالڪ پاڪستان جي عوام آهي، هن چيو ته ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ به اضافو ڪيو وڃي، پ پ جي شازيه مري چيو ته خورشيد شاهه سميت گرفتار ٿيل ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان نه ڪرڻ آئين جي خلاف ورزي آهي، حڪومت آئين جي خلاف ورزي ڪري ٿي ته ان بابت به سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌائڻو پوي ٿو، سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي حقن جي ڳالهه نه ڪندو ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ ڪندو، ملڪ ۾ روزانو 8 ٻارن جو ريپ ٿي رهيو آهي، افسوس آهي ته عورتن جي ريپ واري مامري کي پردي سان جوڙيو ويو آهي، سنڌ کي 760 ارب رپيا ادا ڪرڻا هئا پر 654 ارب رپيا ڏنا ويا، حڪومت 106 ارب رپيا سنڌ کي ادا ڪري، پي ٽي آءِ جي سيف الرحمان چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ مريضن کي اسپتالن مان ٻاهر اڇلايو وڃي ٿو، اهو مامرو ڪنهن کان لڪل ناهي، ڪراچي جي ماڻهن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي چيو ته ڪراچي ۾ عمارتون ڊاهيون پيون وڃن ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي، پ پ جي ذوالفقار بچاڻي چيو ته هي واحد حڪومت آهي جيڪا ٽن سالن کان مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت ڌانڌلي جو منصوبو ٺاهيو آهي، پي ٽي آءِ جي آفتاب جهانگير چيو ته پيپلز پارٽي ڪم ڪري ها ته ڪراچي جو نقشو تبديل ٿي وڃي ها، پ پ جي عبدالقادر مندوخيل چيو ته ضمني چونڊ ۾ ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪيو آهي.