وزن گهٽايو لکين رپيا انعام حاصل ڪريو

0
343

نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ ڪمپني جي سي اي او ورڪ فرام هوم دوران ٿولهه جو شڪار ٿيندڙ ملازمن لاءِ وزن گهٽائڻ تي 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب آن لائن بروڪريج ڪمپني “زيروڌاني” جي سي اي او نيتن ڪامٿ گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي متحرڪ رهڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ فٽنس چيلينج ڏنو آهي جنهن ۾ ٿولهه جو شڪار ملازمن کي روزانو 350 ڪيلوريز ساڙڻا پوندا

جيڪڏهن ڪمپني جو ڪوبه ملازم ايندڙ 90 ڏينهن تائين روزاني جو هدف مڪمل ڪندو رهي ٿو ته پڄاڻي تي هن کي 10 لک ڀارتي رپيا انعام ڏنو ويندو

ڪمپني جي سي اي او نيٿن ڪامٿ سوشل ميڊيا تي لکيو ته ورڪ فرام هوم دوران اڪثر ويهڻ، تمباڪونوشي ۽ ويٺي ويٺي کاڌا کائڻ جي عادت به وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي

جنهن سان ملازمن جي صحت کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن. واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ به ڪمپني زيروڌا پنهنجي ملازمن کي باڊي ماس انڊيڪس يعين بي ايم آءِ کي گهٽائي 25 تائين آڻيندڙ ملازمن لاءِ اڌ مهيني جي پگهار برابر بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو