ارڙنھن سالن جي هيس جو پيءُ اغوا ٿيو، اڄ تائين ناهي موٽيو: مُشڪ ڪليم

0
179

ڪراچي(شوبز نيوز) مُشڪ ڪليم هڪ انٽرويو ۾ ذاتي زندگي بابت ڳالهائيدي وڏو انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته ارڙنهن سالن جي هئس جو پيءُ اغوا ٿيو هو ۽ اڄ تائين اڻلڀ آهي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماڊل مشڪ ڪليم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پيءُ کي گمشده ڪيو ويو هو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پيو آهي. تازو سوشل ميڊيا تي مشڪ ڪليم جي ويب شو کي ڏنل انٽرويو جو ڪلپ وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ ماڊل کان سندس پيءُ بابت ميزبان عفت عمر سوال ڪيو

سوال جي جواب ۾ مشڪ چيو ته اسان چار ڀينر آهيون ۽ اسان جو پيءُ 2013ع ۾ گم ٿي ويو هو، پيءُ کي نائيجيريا مان کنڀيو ويو هيو ۽ هن وقت تائين واپس ناهن ٿيا. مشڪ ڪليم ٻڌايو ته پيءُ جي وڇوڙي کي 9 سال ٿي ويا آهن ۽ هن وقت تائين ڪا خبر ناهي ملي. هن چيو ته مونکي يقين آهي ته هر حال ۾ انسان کي شڪر ڪرڻ گهرجي

جڏهن اسان سان اهو واقعو پيش آيو ته اسان جيوڏي ڀاءُ جي عمر 19 سال هئي ۽ ٻه ڀائر ننڍا هيا، ان وقت اسان کي اندازو ٿيو ته زندگي غير امڪاني آهي، ماڻهن کي هر وقت هر صروتحال لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ماڊل چيو ته ان کانپوءِ سندس ماءُ همٿ ڪئي جنهن کانپوءِ هوءَ متاثر ٿي، اڪيلي ماءُ چئين ڀينرن کي پاليو، پڙهايو، پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ امڙ پٿر جي ڀت وانگر اسان جي سامهون رهي