حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو ڊي ٽين پليجو ھائوس پهچي عوامي تحريڪ

جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عوامي تحريڪ جو اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، اظھار دائودپوٽو، ڄام تماچي، ڪاشف ملاح، اياز صالح، حميد انقلابي ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات دوران بخشل ٿلهو 25 سيپٽمبر تي حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين ”مينھن نه ٻوڙيو سرڪار ۽ نظام ٻوڙيو“ جي عنوان سان اعلانيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ کي سندن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو. بخشل ٿلھو جو چوڻ هو ته سنڌ کي مينھن نه ٻوڙيو آھي پر سنڌ سرڪار جي بي حسي، ڪرپٽ ۽ انسان دشمن نظام ٻوڙيو آھي. وڏيرنه جاگيردارنه سردارن ۽ ڀوتارن ڪٿي درياهه جي قدرتي لنگهن تي قبضو ڪري ته ڪٿي پنھنجون زمينونه ڪاروبار ۽ ڪمپنيون بچائڻ لاءِ سم نالنه شاخن ۽ واھن کي ڪٽ ڏئي لکين ماڻھن جا گھر ٻوڙي کين بي گھر ۽ دربدر ڪيو آھي.