پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي  جي ڳوٺ لال ٻاٽي جو وڏي عمر وارو حاجي ٻاٽي 104 سال جي ڄمار ۾ ڳوٺ ڪانڀو ٻاٽي  ۾ وفات ڪري ويو جنھن جناز ۾ سياسي سماجي شخصيتن عزيزن کان علاوھ سوء ماڻھن شرڪت ڪئي. مرحوم حاجي ٻاٽي پليجاڻي علائقي ۾ ٻاٽي ڳوٺ سڌارسنگت لال ٻاٽي جو باني  ميمبر اڳواڻ ھو، پنھنجي مدد پاڻ ريلوي اسٽيشن پليجاڻي ۾ ڪافي پاڻي جا نلڪا لڳايا ۽ نيڪي جا ڪم ڪندو ھو. سندس وفات تي ڳوٺ سڌار سنگت لال ٻاٽي ۽ سندي ادبي سنگت پليجاڻي طرفان ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي.