واشنگٽن (دلچسپ نيوز) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ٻه واڳون پاڻ ۾ وڙهي پيا. جيڪي جهيڙي دوران وڙهندي هڪ گهر جي دروازي تائين پهچي ويا جنهن سبب گهر ۾ رهندڙ رهواسي سخت خوفزده ٿي ويا.ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪي عورت گهر جي مک دروازي تي ٻن واڳوئن جي وڙهڻ جو ٻڌائي اختيارين کي حيران ڪري ڇڏيو. عورت چيو ته آئون پنهنجي مڙس سان گڏ گهر ۾ هئس ته اوچتو دراوزي تان خوفناڪ آواز اچڻ شروع ٿي ويا.عورت ٻڌايو ته اسان جڏهن ٻاهر ڏٺو ته 2 واڳون پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. عورت موجب ٻئي واڳون 20 منٽن تائين پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ ان کان پوءِ هو پاڻ ئي واپس هليا ويا.