والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا

0
179
والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا
والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا

والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، 27 آڪٽوبر 1947 تي ڀارتي فوج بنا ڪنهن آئيني ۽ اخلاقي جواز جي ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، ڀارت جي ورهاڱي وقت ڪشمير جي قيادت پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو هو، والاريل ڪشمير ۾ 10 لک ڀارتي فوجي 76 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت ڪري رهيا آهن

5 آگسٽ 2019 تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي رياست واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي، ڀارتي فوج جي ڪارروائين دوران هيل تائين اڍائي لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا، هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي ويا

 ڀارتي فوج پاران 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان لڄالٽ ڪئي وئي، گڏيل قومن پاران ڪشميرين کي فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ بابت 5 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، ڀارت پاران عالمي اداري جي ڪنهن به ٺهراءَ تي عمل نه ڪيو ويو
سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، ميڙاڪا ۽ تقريبون  ڪوٺايون پيون وڃن

ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون ۽ ٻين علائقن مان به ريليون ڪڍيون ويون، مظاهرين پاران عالمي برادري کان ڪشميرين تي جاري ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو