جوابدار سردار بلاول ۽ مراد شاهه جا نالا استعمال پيا ڪن: ام رباب

0
327

ام رباب چيو آهي ته ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار سردار بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا استعمال پيا ڪن

پيپلزپارٽي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته ڇا اها قاتلن سان گڏ بيٺل آهي؟

دادو جي عدالت ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  ام رباب چيو ته اڄ اسان جي ٻئي گواهه کان آڏي پڇا مڪمل ٿي، سڀاڻي اسان جو ٽيون گواهه آڏي پڇا کي منهن ڏيندو

Govt decides to remove Bilawal, Murad's names from no-fly list

هن ٻڌايو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو، ام رباب ۽ سندن وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا

 پوليس پاران سردار ڀائرن جي جهڙتي وٺڻ بعد کين عدالت اندر ڇڏيو ويو

 سردار چانڊيو چيو ته اسان جي وڪيل هڪڙي گواهه کان جرح ڪئي، ٻيو گواهه به موجود هو، اسان جي وڪيل هن کان به جرح ڪرڻ پئي گهري، پر ام رباب وارن ٻئي گواهه کي پيش نه ڪيو، ام رباب وارا گواهه کي رات پٽيون پڙهائڻ بعد شايد سڀاڻي عدالت آڏو پيش ڪندا

هي به پڙهندا

ام رباب چانڊيو ڪيس: سردار ڀائرن جي عدالت آمد وقت جهڙتي

سردار عدالتن مان ڀڄي رهيا آهن: ام رباب چانڊيو