ام رباب چانڊيو ڪيس: سردار ڀائرن جي عدالت آمد وقت جهڙتي

0
851

دادو ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻيءَ جي موقعي تي پهريون ڀيرو ام رباب جي جهڙتي ورتي وئي، ام رباب جي گارڊز جا هٿيار جمع ڪيا ويا

 گذريل ٻڌڻيءَ تي سردار چانڊيو  پوليس اهلڪار کي جهڙتي وٺڻ نه ڏني هئي، ٻڌڻي جي موقعي تي ام رباب، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو به پيش ٿيا، جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪئي وئي

عدالت آمد وقت سردار ڀائرن جي به جهڙتي ورتي وئي، برهان چانڊيو جو چوڻ هو ته ايئرپورٽس تي اسان جي تلاشي ناهي ورتي ويندي، توهان وٺڻ چاهيو ٿا ته وٺو، ان  کانپوءِ سردار ڀائرن جي جهڙتي ورتي وئي

عدالت ۾ ڳالهائيندي ام رباب چيو ته اڄ اسان شاهدن سوڌو پيش ٿياسين، جيل ڪسٽڊي ڪيل هڪ جوابدار جو وڪيل نه هئڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ٿي

هن چيو ته جج کي اپيل ڪئي ته روزاني بنياد تي ڪيس هلايو وڃي، شاهدن جي حياتيءَ کي خطرو آهي، جوابدار سردار ڪيس کان ڀڄي رهيا آهن، کين ڀڄڻ نه ڏينداسين