ساحلي علائقن سميت مختلف شهرن ۾ طوفان کان اڳ سامونڊي ويرن ۽ برسات جي تباهي

0
415

ڪراچي: طوفان کان اڳ ئي سامونڊي ويرن ساحلي علائقن ۾ تباهي مچائڻ شروع ڪري ڏني، ڪيٽي بندر لڳ حفاظتي رنگ بند ٽٽي پيو، ڳوٺ حاجي صديق فقيراڻي سميت مختلف ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

 کاروڇاڻ، جوهو مهل ۽ ٻيٽ ميهار جي رنگ بندن کي به خطرو وڌي ويو، جاتي جي ساحلي پٽيءَ ۾ به سامونڊي لهرون بچاءُ بند ٽپي آيون، پاڪ فوج ۽ انتظاميا پاران رهجي ويل ڳوٺاڻن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي

سامونڊي طوفان جي اثر سبب سامونڊي پٽي وارن علائقن سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو سلسلو به جاري آهي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص جي ڪيترن شهرين ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز برسات هلندڙ آهي

غلام شاهه موري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا ويا، برسات جو به سلسلو جاري آهي جنهن سبب  زندگي جو ڪاروهنوار ڊانوا ڊول بڻيل آهي

کپري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن م به وقفي وقفي سان هلڪي برسات پئجي رهي آهي، نئون آباد جي ڀر وارن علائقن م تيز وسڪاري بعد موسم وڻندڙ بڻجي وئي آهي

رليف ڪئمپس ۾ ترسايل طوفان متاثر نڌڻڪائپ واري زندگي گهارڻ لڳا، ٺٽو، بدين ۽ سجاول جي رليف ڪئمپس خوراڪ، پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون اڻلڀ ٿي ويون، طوفان متاثرن پاران سنڌ سرڪار کي سار لهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

بائپر جواءِ طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، سامونڊي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ