بائپر جواءِ طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، سامونڊي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ

0
419
بائپر جواءِ طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، سامونڊي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ
بائپر جواءِ طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، سامونڊي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ

…سامونڊي طوفان بائپرجواءِ اڄ ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائجي ويندو، طوفان ڪراچي کان 230، ٺٽو کان 235 ۽ ڪيٽي بندر کان 155 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو

موسميات کاتي موجب اڄ شام بائپرجواءِ ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ واري علائقي مان انتهائي شديد طوفان طور گذرندو، طوفان جي گذرڻ وقت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي شديد ۽ انتهائي شديد برساتون شروع ٿي وينديون

 ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ کان شديد ۽ انتهائي شديد برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، برساتن جو اهو سلسلو 17 جون تائين جاري رهندوبدین کے ساحلی علاقے میں لوگوں کے انخلا کے بعد ویرانی چھائی ہوئی ہے — فوٹو : اے ایف پیڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به اڄ ۽ سڀاڻي گجگوڙ سان وسڪارن جا امڪان، بلوچستان جي حب، لسٻيلا ۽ خضدار ضلعن ۾ به برسات جا امڪان آهي

جڏهن ته  سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، ساحلي پٽيءَ جي 97 سيڪڙو رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي

 ڪمشنر حيدرآباد جي سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري، شاهه بندر، کاروڇاڻ ۽ جاتي جا زميني رابطا ڪاٽا ٿي ويا آهن، بدين، ٺٽو ۽ سجاول جي ساحلي پٽيءَ تي تيز برساتن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي

 ٽنهي ضلعن ۾ مجموعي طور 44 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، رليف ڪيمپس ۾ 34 هزار 766 ماڻهن کي ترسايو ويو آهي

سمندری طوفان کے سبب ماہی گیروں نے کشتیاں کھڑی کردیں/ فوٹو اے ایف پی

 اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تان هيل تائين 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي

 پي ڊي ايم اي سنڌ جو چوڻ آهي ته مقامي انتظاميا پاران 75 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، پاڪ فوج، نيوي ۽ رينجرز جي مدد سان 73 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ڪيمپن ۾ متاثرين کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن

هي به پڙهندا

طوفان جا اثر: سمنڊ ۾ چاڙهه کانپوءِ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل