وارھ (ن پ ا) ڳوٺ گل محمد تنيو جي بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي، مسلسل برساتن بعد عمارت جي ڇت جا چاپڙ  ڪري پيا، ڳوٺاڻن نثار تنيو، اظھار تنيو، قادر تنيو ۽ ٻين ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن  ۽ ٻين وس وارن  کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم ڪرائي ڏنو وڃي جيئن ڳوٺ جا ٻارڙا باحفاظت نموني تعليم پرائي سگهن.