جاتي(ن پ ا)جاتي ٽائون جي وارڊ نمبر 4 ۾ گورنمينٽ عبدالستار ٿهيم پرائمري اسڪول بلڊنگ جي زبون حالت هجڻ ۽ تازين برساتن سبب اسڪول بلڊنگ جا چاپر ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري اسڪول ۾ 200 کان مٿي ٻارڙا تدريسي عمل کان محروم ٿيڻ  لڳا آهن. ڳوٺاڻن  ستار ٿهيم ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي اسڪول مڪمل زبون هجڻ ڪري تازين برساتن ۾ اسڪول بلڊنگ جا ڇاپر ڪرڻ ۽ ڀتين کي ڏار پئجي ويا آهن هن اسڪول ۾ وارڊ چار جا ٻه سئو کان مٿي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن کي اسڪول ٻاهران هڪ ڪچي اڏاوت ۾ ويهاري تدريسي عمل شروع ڪيو آهي هنن چيو ته اسڪول بلڊنگ نه هجڻ ڪري معصوم شاگرد سخت گرمين ۽ سردين ۾ تعليم حاصل نه ڪري سگهندا جن جي تعليم تباھ ٿيڻ جا امڪان آهن هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول بلڊنگ جي مرمت ڪراءِ  سوين معصوم ٻارن جو تدريسي عمل جاري رکيو وڃي.