سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي سائيٽ ايريا واري علائقي جي ٿهيم ڳوٺ واسي عورتن، مردن ۽ ٻارن پاران احتجاجي مظاهرو، مقتولا سعيده بيگم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مٿان ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام. ان موقعي تي مظاهرين نصري ٿهيم، نذير ٿهيم، حميده، وحيده ٿهيم ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 14 سال اڳ سعيده بيگم جي شادي عرفان سنديلو سان ٿي، هوءَ 6 ٻارن جي ماءُ پڻ هئي. جوابدار عرفان سنديلو کي 22 جولاءِ 2022 تي ڪراچي جي سرجاني ٽائون ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي محمد ۾ قتل ڪيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جيڪو جيل مان ڌمڪين وارا پيغام موڪلي رهيو آهي. مظاهرين لاڳاپيل اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.