هٿ جو آڱوٺو ڪٽجڻ کان پوءِ آمريڪي شهري کي سندس پير جو آڱوٺو لڳايو ويو

0
399

نيويارڪ: (دلچسپ نيوز) آمريڪي شهري کي هٿ جو آڱوٺو ڪٽجڻ کان پوءِ سندس پير جو آڱوٺو لڳايو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ هڪ شهري ايڊن ايڊڪنز پنهنجي دوست جي لاءِ ڪاٺي جو هڪ تحفو تيار ڪري رهيو هو. ان جي لاءِ هن پنهنجي گيراج ۾ ڪم شروع ڪيو ته اوچتو برقي آري ان جي هٿ تي هلي وئي جنهن سبب ان جو آڱوٺو ڪٽجي ڌار ٿي ويو. انڊن کي فوري طور تي اسپتال موڪليو ويو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ان جون رڳون چار ڪلاڪن تائين کليل آهن جيڪڏهن ڪٽيل آڱوٺو ملي وڃي ته ان کي ٻيهر جوڙي هٿ کي بحال ڪري سگهجي ٿو،. ڇو ته آڱوٺو هٿ جي گرفت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي جنهن کان پوءِ سڀني گهر وارن ورڪشاپ ۾ آڱوٺو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪامياب نه ٿي سگهيا.جنهن تي ڊاڪٽرن مريض کي چيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته پير کي سُن ڪري ان جو آڱوٺو ڪٽي ان کي هٿ تي لڳائي سگهون ٿا. ان آڇ تي ايڊن قبول ڪيو ۽ پنهنجي هڪ ٻئي آڱوٺي جي قرباني ڏني ته جيئن هٿ صحيح طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ماهرين موجب هٿن جو 50 سيڪڙو ڪم آڱوٺو ئي ڪندو آهي ۽ انساني هٿ ۾ ان جو اهم ترين ڪردار هوندو آهي.ايڊن جي آڱوٺي کي جوڙڻ لاءِ چار سرجن ۽ ڊاڪٽرن ملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران انهن کي اڌ ڏينهن لڳي ويو. ان جي کاٻي پير جو آڱوٺو ڪٽي هٿ تي لڳايو ويو آهي. هاڻ هو مختلف ورزشون ڪري رهيو آهي ۽ آڱوٺي ۾ حرڪت بحال ٿي وئي آهي. هاڻ هي آڱوٺو مڙڻ به شروع ٿي ويو آهي.