پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 27 ماڻهو فوت

0
215

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا، ڪثبت ڪيسز جي شرح 2.3 رڪارڊ ڪئي وئي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 42062 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 979 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سان 27 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، سرڪاري پورٽل ملڪ ۾ ڪورونا کان 22281 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ مجموعي ڪيسز 9 کل 57 هزار 371 تائين پهچي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 1499 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ مجموعي طور صحتياب ٿيلن جو انگ 9 لک 3 هزار 484 ٿي ويو آهي.