کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) اڇڙي ٿر واسي پيرپاڳاري جي مريدن جي هٿ بند ٿيڻ ۽ نياڻين جي شادي رڪيل هجڻ واري معاملي جو پير پاڳاري نوٽيس وٺڻ بعد چيف خليفي جي هدايتن تي ڪاميٽي قائم، معززن جي وفد جي متاثرن سان ملاقات، اڄ فيصلو ٿيندو، خبر موجب اڇڙي ٿر واسي مريدن جي هٿ بند ٿيڻ ۽ نياڻين جي شادي رڪيل هجڻ واري معاملي جو پير پاڳاري پاران نوٽيس وٺڻ بعد چيف خليفي جي هدايتن تي حر جماعت جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي ۾ درگاهه شريف فيصلا ڪاميٽي جو چئيرمين پير بخش جوڻيجو، غلام دستگير راڄڙ، فنسڪشل ليگ ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ ۽ اڳوڻو تعلقه ناظم کپرو خدا بخش درس شامل آهن، درگاهه شريف جي چيف خليفي جي هدايتن تي جوڙيل ڪاميٽي ڪجهه معززن کي مقرر ڪيو جن هٿ بندي جو شڪار مريدن جون ڳالهيون ٻڌيون، ذريعن موجب معززن تڪراري علائقي ۾ وڃي سر زمين جو معائنو ڪيو ۽ نياڻين جون شاديون رڪيل هجڻ بابت پڻ جاچ ڪئي، ذريعن موجب معاملي جي سموري رپورٽ اڄ چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو کي پيش ڪئي ويندي، ذريعن موجب معززن جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪاميٽي اڄ خميس ڏينهن شام جو 5 وڳي فنڪشنل ليگ ايم پي اي قاضي شمس راڄڙ جي بنگلي تي کپرو ۾ فيصلو ڪندي، جنهن لاءِ خليفن توڙي هٿ بندي جي شڪار مريدن راضپو ظاهر ڪيو آهي، واضح رهي ته اڇڙي ٿر جي مريدن پاران خليفي احمد راڄڙ، نائب خليفي ابراهيم هنڱورجو   خلاف احتجاج ڪيو هو جنهن جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري نوٽيس ورتو هو، جنهن بعد چيف خليفي جي هدايتن تي ڪاميٽي جوڙي وئي آھي.