ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پاران پي ايس پي سربراھ  مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار کي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي ڏنل دعوت کانپوءِ   پي ايس پي جو وفد اڄ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بھادرآباد پھچندو ـ ذريعن موجب مصطفيٰ ڪمال کانسواءِ ڊاڪٽر فاروق ستار جي به آمد متوقع آھي، جتي ٽئي اڳواڻ ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس  ڪندا