اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل آف پاڪستان جي استعيفا ۽ مقرري جو نوٽيس وٺندي 17 جنوري تي سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اٽارني جنرل کانسواءِ ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي، اسان کي اٽارني جنرل آفيس مان ڪيسن ۾ مناسب سهڪار نه پيو ملي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ راولپنڊي متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جي زمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جي مدد نه ڪرڻ تي اٽارني جنرل جي استعيفا ۽ مقرري بابت اهم حڪم جاري ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي اٽارني جنرل شفقت عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ٻڌايو ته اٽارني جنرل ڪير آهي؟ اٽارني جنرل آفيس کي ڪيسن ۾ مناسب سهڪار نه پيو ملي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل اشتر اوصاف آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اشتر اوصاف استعيفا ڏئي ڇڏي آهي ۽ سندس استعيفا به قبول ڪئي وئي آهي، هاڻي نئون اٽارني جنرل ڪير آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل شفقت عباسي چيو ته مون کي نئين اٽارني جنرل جي خبر ناهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته نئون اٽارني جنرل ڪير آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل به اٽارني جنرل بابت ڄاڻ نه هجڻ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان کي نئين اٽارني جنرل جي نالي جي به خبر ناهي. عدالت قانون واري سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل جي استعيفا ۽ نئين اٽارني جنرل جي مقرري جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.