لاهور (شوبزنيوز) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره ايمان علي مشهور مصنف ۽ ليکڪ خليل الرحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايمان علي تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران  هن پنهنجي فلمي ڪيريئر بابت به ڳالهيون ڪيون. ايمان علي موجب هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيل فلمون دوستي ۾ ڪيون پر فلم“خدا ڪي لئي” اسڪرپٽ ۽ ڪردار ٻنهي حوالي سان منهنجي پسنديده فلم آهي. ميزبان ايمان علي جي وضاحت تي ان کان سوال ڪيو ته مون کي ڪجهه اهڙين فلمن جي باري ۾ به خبر آهي جنهن ۾ ايمان ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ان جي پٺيان اسڪرپٽ هو يا هدايتڪار؟ سوال جي جواب ۾ ايمان جو چوڻ هو ته رد ڪيل فلمن ۾ ڪجهه اهڙيون فلمون به شامل ٿي سگهن ٿيون جن جا هدايتڪار دوست هجن پر ان جا ليکڪ بالڪل به دوست نه هجن. شو دوران ايمان علي انڪشاف ڪيو ته هو ماضي ۾ خليل الرحمان قمر جي لکيل فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي. انڪار جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته فلم ۾ خليل صاحب هيروئن جي ڪردار سان دغا ڪئي. فلم جي ليکڪ کي پنجابي ۽ پنجاب جي خبر هئي پر هن ان جي ابتڙ لکيو.