ڪراچي(شوبز نيوز)ناليواري اداڪارا هانيا عامر اڪثر سرخين ۾ رهندي آهي، هڪ تازي سوشل ميڊيا تي سندس نالو ٻيهر خبرن ۾ گردش ڪري رهيو آهي

هانيا پنهنجي انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن، ڪجهه تصويرن ۾ کيس هڪ شخص سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو چهرو واضح ناهي

شيئر ڪيل تصويرن ۾ اڻڄاتل شخص کي ڪڏهن اداڪارا جو هٿ پڪڙيل ته ڪڏهن چهري کي ڇُهندي ڏسي سگهجي ٿو

اداڪارا جي ان پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدار ان شخص بابت ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهن ۽ مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن جتي ان شخص بابت سوال ڪيو، اتي ئي گهڻن ان کي خوش قسمت به چيو