اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو نئون قدر مقرر ڪرڻ تي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق برطرف صدر خالد سجاد کوکر جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ درخواستگذار پنهنجي جاءِ تي طارق منصور بگٽي کي پاڪستاني هاڪي فيڊريشن جو ايڊهاڪ صدر بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم کي پاڪستاني هاڪي فيڊريشن جي پيٽرن ان چيف طور نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ايندڙ هفتي تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي.