مٽياري/ ڀٽ شاهه (نمائنده) ھالا ۾ ڪنڊيارو واسي شمائلا ڪوريجو کي مبينا طور اغوا بعد تشدد ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪوريجا اتحاد پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين فدا رحمان ڪوريجو. شفيق احمد ڪوريجو. الھداد ڪوريجو. ذوالقرنين ڪوريجو ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ وقت اڳ ڪنڊيارو واسي پورھيت شاهنواز ڪوريجو جي نياڻي شمائله ڪوريجو کي اغوا بعد کيس تشدد ڪري بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو. قتل جي واقعي جو ڪيس علي نواز مھر. ڪرم علي مھر ۽ سندس ساٿين تي داخل ھجڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي. ھنن چيو ته فريادي غريب مسڪين ۽ پورھيت ھجڻ جي ڪري سندس ڪابه داد رسي نه ٿي سگھي آھي. جڏهن ته جوابدار بااثر ھجڻ ڪري پوليس کين گرفتار نه ڪري سگهي آھي جنھن جي ڪري جوابدار فريادي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.