سن (ن پ ا ) سن ڀرسان آمري پل وٽ انڊس ھاء وي تي ايڪسائيز پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي گڏيل طور غيرقانوني چونڪي قائم وئي آهي. اڇي  ڪلر جي  ڪرولا ڪار سوار ايڪسائيز پوليس جا اھلڪار ٽريفڪ پوليس اھلڪارن ساڻ انڊس ھاء وي روڊ  تي چونڪي قائم ڪري مختلف جواز ڄاڻائي بنا ڪنهن اٿارٽي جي سادي اڇي پرچي تي تاريخ لکي ڏئي في گاڏي جي ڊرائيور کان ٽن ھزارن تائين سرعام غيرقانوني اوڳاڙي ۾ مصروف آهن. غيرقانوني ڀتو اوڳاڙي ٿو موٽروي پوليس به  تماشائي بڻيل آهي. ڊرائيورن پاران اعلي اختياريون کي نوٽيس وٺي ايڪسائيز پوليس ۽ ٽريفڪ اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته  ڊرائيورن کي ڏنل ھڪ سادي ڀرچي ۾  جنهن ۾ خالي تاريخ ۽ ڪنهن اسلم نالي ايڪسائيز اھلڪار جو نالو لکيل آهي.