حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”ترجمي جو فن ۽ ان جا اصول“ جي موضوع تحت ٿيل تربيتي ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي مقررن چيو آهي ته ترجمي نگاري انتهائي ذميواري وارو فن آهي جنهن کي ڀرپور ذميواري سان ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري چيو ته ڪو به مواد غلط يا درست ترجمو ٿيڻ جي صورت ۾ اهو تاريخ جو حصو بنجي وڃي ٿو ان ڪري مترجم کي اهو ڪم ذميواريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. دنيا جي وڏن عالمن ۽ دانشورن انگريزيءَ ۾ نه لکيو پر انگريزن ان جي مالڪي ڪري مواد کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ايئن به نه آهي ته ڪو ترجما انگريز ڪندا آهن. رڳو اهي ئي بهتر هوندا آهن. ترجمو ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو لکندڙ جي تصور ۽ خيال جي روح تائين پهچي ۽ کيس ٻنهي ٻولين جي ڄاڻ حاصل هجيس. انعام شيخ چيو ته اسان وٽ محنت گهٽ ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جي رفتار انگريزن کانپوءِ گهٽ ٿي وئي. انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ ڪنهن به شعبي ۾ ڪم وڌي نه سگهيو. هن چيو ته ترجمي بعد ئي دنيا جا وڏا لکندڙ عالمي سطح جا ماڻهو بڻيا. شيخ اياز کي ان نموني سان ترجمو ڪيو وڃي ها ته اياز عالمي سطح جو شاعر سمجهيو وڃي ها. منوج ڪمار چيو ته پهريون دفعو لڳي رهيو آهي ته جيڪو ڪم اڳ ۾ ٿيڻ کپندو هو اهو هاڻ پيو ٿئي. ترجمي نگاري سان ٻولين ۽ ادب جو پاڻ ۾ لاڳاپو وڌي ٿو. لياقت ٿهيم چيو ته دنيا ۾ ادارا ترجمي نگارن جي تربيت ڪرائيندا آهن. انهن مترجمن کي سٺو روزگار ملي ٿو. سنڌي ادب عالمي سطح تي ان ڪري متوجه نٿو ٿئي