هالا (ن پ ا) هالا ۾ مهراڻ موري وٽ رهندڙ جنڊائڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ نهي ڌرين پاران هڪٻئي تي لٺين، سرن سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻن عورتن سميت اٺ ڄڻا بگو، نوڙيو، ويريو، لالو، جويو، رميش، رمجو، لڇمي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت خراب هجڻ تي کين سول اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو آهي. ٻئي طرف ٻنهي ڌرين پاران هالا ٿاڻي تي هڪٻئي خلاف جهيڙي جي رپورٽ داخل ڪرائي ويئي آهي، جڏهن هالا پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ بعد ٻنهي ڌرين جا ٻه همراهه حراست ۾ وٺندي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.