ميهڙ(رپورٽ :پاويل جوڻيجو) پ پ پ ۽ مسلم ليگ نواز جي اڳوڻين حڪومتن ۽ پ پ پ جي هاڻو ڪي سنڌ حڪومت جي نا اهلي سبب دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي جي 80 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ گاج ڊيم 14 سال گذرڻ باوجود ٺهي نه سگهيو آهي، ڊيم جي لاڳت 11 اربن مان 30 ارب ٿي وئي هئي جيڪا هاڻي 62 ارب رپين تي وڃي پهتي آهي، ڊيم نه ٺهڻ ڪري دادو ضلعي جي جابلو ۽ ڪاڇي واري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. ان ڏس ۾ دادو ضلعي جي ميهڙ،خير پور ناٿن شاهه، دادو ۽ جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نئين گاج تي گاج ڊيم نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جا رهندڙ لکين ماڻهو ربت بک بدحالي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گاج ڊيم جو منصوبوپرويز مشرف جي دور ۾ 2007ع ۾ جوڙيو ويو ۽ آگسٽ 2007ع ۾ ان وقت جي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي افتتاح ڪيو هو. ان دوران گاج ڊيم جو منصوبو جوڙيندڙ واپڊا جي ماهرن گاج ڊيم جي مڪمل تعمير لاءِ 11 ارب رپين جو ڪاٿو لڳائي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جي بريفنگ ڏني هئي. گاج ڊيم سال 2011ع جي آگسٽ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 2008ع ۾ پ پ جي حڪومت اچڻ بعد ان تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ان منصوبي کي 14 سال گذرڻ باوجود 50 سيڪڙو به ڪم مڪمل نه ٿيو آهي. ان حوالي سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي روزاني پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته پ پ ۽ نواز شريف جي حڪومتن ڌيان نه ڏنو جنهن ڪري اهو منصوبو مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. پ پ پ وارن ۽ مسلم ليگ نون وارن گاج ڊيم نه ٺاهي دادو ضلعي جي عوام خاص طور ڪاڇي واري عوام سان ظلم ڪيو آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان کي به نقصان ڏنو آهي. گاج ڊيم مدي ۾ پورو ٿئي ها ته ڪاڇي ۾ هن وقت جيڪا ڏڪار واري حالت آهي اها نه هجي ها، ڇو ته گاج ڊيم سان نه رڳو دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي جي تقريبن 80 هزار ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿئي ها پر 4.5 ميگاواٽ بجلي به ٺهي ها، نه رڳو ڪاڇي جي علائقي ۾ رهندڙ غريب مسڪين ماڻهن ۾ خوشحالي اچي ها، پر دادو ضلعي ۽ سنڌ ۾ به معاشي ترقي ٿئي ها. بجلي جو بحران به گهٽ ٿئي ها.