ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي قومي شاھراهه تي تاج پمپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽائر راڊ ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وي سي محمد صديق ڪلھوڙو جو ڀائٽيو مھتاب ڪلھوڙو ۽ رحمت الله ڪلھوڙو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مھتاب ڪلھوڙو جي حالت خراب ھجڻ سبب نوشھروفيروز ريفر ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ زخمي رحمت الله ڪلھوڙو ٻڌايو تـ نوشھروفيروز کان واپس ڀرياسٽي ايندي ڪار جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو.