ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا ڪٺ پتلي آهن، جن جون واڳون آصف زرداري وٽ آھن، جواب ڏيندي ناصر شاهه چيو آهي ته فواد چوڌري مراد شاهه خلاف سازشون ۽ سياسي قد وڌائڻ لاءِ زرداري خاندان تي تنقيد ٿو ڪري، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي ان بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي توڙي صوبائي وزيرن جو ڪم ساڳيو آهي رڳو پنهجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، سنڌ کي ٻنهي مان ڪو آسرو ناهي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي مفادن جي جنگ ۾ عوام ڀوڳي رهيو آهي، هنن هڪٻئي تي الزامن کانسواءِ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آزاد انور مهر لکيو ته بلڪل ائين ئي آهي جئين فواد چوڌري چوي ٿو، گل حسن لکيو ته فواد سميت سڀ مھرا آھن پارٽي اڳيان سڀ ڪٺ پتلي ھوندا آھن، خادم گهراڻو لکيو ته فواد چوڌري کي جيڪو اچي چئي ڏي ٿو. عوام جي ڪنهن کي پرواهه ناهي اهي سياستدانن جا هڪٻئي تي الزام هڻندا رهندا آهن، علي بخش شر لکيو ته بلڪل درست بيان آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته وفاقي وزير هجن يا صوبائي وزير رڳو الزام هڻن پيا، عوام کي رليف ناهي مليو، آسن داس لکيو ته فواد چوڌري جي ڳالهه درست آهي، رياض احمد ٻجورو کيو ته مراد علي شاھ ھڪ سنجيده انسان دوست ماڻھو آھي، اياز بلوچ لکيو ته وفاقي سرڪار جا نمائندا توڙي سنڌ سرڪار جا نمائندا صرف ھڪ ٻئي مٿان ھلڙبازي ڪرڻ ۾ پورا آھن عوام جي ڪنهن کي پرواهه ناهي، مير سميع لکيو ته فواد چوڌري اصل ۾ سازش ٿو ڪري، شير محمد لکيو ته فواد چوڌري ۽ ناصر شاهه پنهنجي پنهنجي نوڪري پڪي پيا ڪن، اسلم انصاري لکيو ته هر ڪو پنهنجي نوڪري به پڪي ڪري، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌ کي ٻنهي مان ڪو آسرو ناهي ، مراد شاهه صحيح ناهي ته وفاقي حڪومت وري ڪهڙي سنڌ سان نا انصافي ۾ ڪسر ڇڏي آهي، جان محمد لکيو ته ساڳئي ڳالهه آهن، جاويد احمد لکيو ته فواد صحيح چيو پر اهو نه ٻڌايائين ته سندس وزارت ڪير هلائي رهيو آهي؟ راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي مفادن جي جنگ ۾ سنڌ جو عوام قرباني جو ٻڪرو ثابت ٿيو آھي، احمد مغيري لکيو ته سڀ پاڻ ۾ مليل آھن، يارمحمد مڱريو لکيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلن جي منظوري زرداري هائوس مان ملندي آهي، غلام اڪبر ٽنگڙي لکيو ته هنن هڪٻئي تي الزامن کانسواءِ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، حمدالله ڪنڀر لکيو ته ٻئي ڌريون شروع کان هڪٻئي خلاف بيانبازي ڪنديون رهيون آھن، جاويد چانڊيو لکيو ته فواد درست پيو چوي، حافظ صديق لغاري لکيو ته فواد چوڌري بيوقوفاڻي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن پارٽي جي حڪومت هوندي آهي ان حڪومت کي پارٽي سربراهه ئي هلائيندو آهي. ذوالقرنين لنڊ لکيو ته ٻنهي جي بيانن ۾ عقل وارن لاءِ اشارا آهن.حاجي خان پنهور لکيو ته تڏهن ته سنڌ جا اسڪول اوطاقون بڻيل آھين، پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي اسپتالن ۾ سهولتون ناهن، عبدالرزاق چانڊيو لکيو ته ٻئي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ارشاد علي لکيو ته وفاقي توڙي صوبائي وزيرن جو ڪم ساڳيو آهي رڳو پنهجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن.باقي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. عمران دلواڻي لکيو ته وفاقي وزير جي ڳالهه ۾ صداقت آهي، فهد اياز سنڌو لکيو ته مراد علي شاهه يا پ پ سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اها حقيقت آهي، عبدالحئي ساوند لکيو ته اصل ۾ سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جو پاڻ ۾ جهيڙو آھي، جنهن ۾ عوام
ڀوڳي پيو، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت صرف الزام تراشيون ڪري جان ڇڏائينديون آھن عملي ڪم ٻئي ناهن ڪنديون، مسرور شر لکيو ته فواد رڳو الزام هڻندو آهي، قادر بخش زئور لکيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت ۾ سدائين ڇڪتاڻ ٿيندي رھندي آهي، رياض بوزدار لکيو ته فواد صحيح ٿو چوي، شڪر الدين گجو لکيو ته سنڌ کي ٻنهي مان ڪو آسرو ناهي، شاهد شر لکيو ته اهي وفاق ۾ ڦاٿل سنڌ جا حق ڏين باقي الزام هڻڻ فواد چوڌري جي عادت آهي، يونس بلوچ لکيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي مفادن جي جنگ آهي، نجم پيچوهو لکيو ته وفاقي توڙي صوبائي وزيرن جو ڪم ساڳيو آهي. ماجد بلوچ، جان محمد، عبدالغفور جمالي، ابراهيم خليل، قرار خان سهتو، سميع خان، الطاف لاشاري، رفيق جهتيال، ذوالقرنين لنڊ، عبدالغفور ٿيٻو، شوڪت علي بجاراڻي، منان ميمڻ، عابد شر، امداد علي، شفقت جروار، ايم سڪندر، نياز حسين، ڪاشف مهر، جاويد جبار مراداڻي، محمد مٺل چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.