ڪنھن سان رعايت نه ٿيندي، ڪوشش آهي ته هاڻي ڪوبه ڊبل شاهه پيدا نه ٿئي:نيب چيئرمين

0
285
نيب آفيسرن جي ڪرپشن

لاھور (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آھي تھ نيب پهرين جيان پنهنجو ڪم جاري رکندو، ڪجهه بيانن سان عزت کي ذلت ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي، نيب مسئلو نه، پر مسئلن جو حل آهي، ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو ته پلي بارگين ختم ڪري ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرو ٿا؟ نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو شوق آهي ته پهرين اسفند يار ولي ڪيس تي عدالتي فيصلو ضرور پڙهو، سپريم ڪورٽ آرڊيننس جي هڪ هڪ لفظ کي ڏسي چڪي آهي ۽ آئين سان نه ٺهڪندڙ ڪجهه شيون ختم ڪري ڇڏيون، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڳيان رکو، اُن کانپوءِ جيڪو ڪرڻو اٿئو ڪريو، اهو توهان کي اختيار آهي، ڀلي لک ڀيرا نيب قانون ۾ ترميم ڪريو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته ڊبل شاهه کي سزا نه ملي ها ته هر پاشي ۾ ڊبل شاهه پيدا ٿي چڪو هجي ها، ڪوشش آهي ته هاڻي ڪوبه ڊبل شاهه پيدا نه ٿئي، خبر اٿئون ته ننڍيون مڇيون نڪري وينديون آهن، اسان شارڪ مڇين ۽ وڏن واڳن کي پڪڙيو آهي، سزا نيب نه، عدالتون ڏينديون آهن.