نيٺ ٿيندو ڇا ؟ … حڪمران ته ان ۾ راضي آهن ته ڀلي روز آفتون اچن ته جيئن ٻين ملڪن کان مال وٺون: ترقياتي ڪم بند ڪرائڻ تي عوام جو ردعمل

0
243

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻوڏ جي تباهي، حڪومت ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن کي به بريڪ هڻي ڇڏيو، سنڌ جي 23 ضلعن جا ترقياتي ڪم بند، ڇا 273 اربن جي ماليت جون 2506 هلندڙ رٿائون ٻيهر رُلي وينديون ؟ 89 ارب جي ماليت جي 1652 نئين رٿائن جي نڙي تي ننهن اچي ويو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هنن کي ٻوڏ جو بهانو ملي ويو اڳ ڪڏهن ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جو هاڻي ڪندا، رقم به کائي ويندا، ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ھوندا، حڪومت ٻوڏ متاثرن کي رليف ناهي ڏنو، ھاڻي بجيٽ کائڻ آسان ٿي پئي چوندا اسان 99 سيڪڙو ڪم ڪرايو ھو پر ھن برسات ۽ٻوڏ ۾سب ڪجهه لڙهي ويو، ھي ته راضي ھن ۾ ئي آھن ته ڀلي روز قدرتي آفتون اچن ۽ ٻين ملڪن مان مال وٺون. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته رستا روڊ بحال ٿيندا ته ترقياتي ڪم به شروع ٿي ويندا ھينئر سڄو سسٽم ئي ڊانوان ڊول آھي ته ترقياتي ڪم وري ڪيئن ٿيندا، فضل سبزوئي لکيو ته ڪھڙا پھريان ڪم ٿيا آهن جو ھاڻي بريڪ لڳي ترقياتي ڪمن کي سنڌ ۾ پھريان کان مڪمل بريڪ لڳل آهي پوري سنڌ جيان ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا روڊ رستا به تباھ ٿيل آھن ھاڻي ته هنن کي بهانو ھٿ آيو آهي ڪرپٽ سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي سنڌين جي ووٽن سان اقتدار ڌڻي بڻيلن کي سنڌي ماروئڙن لاءِ ڪنهن به قسم جو احساس ناهي، اياز راهوجو لکيو ته ھاڻي بجيٽ کائڻ آسان ٿي پئي چوندا اسان 99 سيڪڙو ڪم ڪرايو ھو پر ھن برسات ۽ٻوڏ ۾سب ڪجهه لڙهي ويو، غلام رسول راهمون لکيو ته ائين ته اڳ به اھڙا ڪيئي روڊ ڪاغذن ۾ ٿيل آھن ھي ته ھنن حڪمران جي پراڻو رواج آھي، شبير سهتو لکيو ته اهي بجيٽون ۽ ڪم سڀ فائيل ۾ بند ٿي ويندا باقي رقم سڀ اڳواٽ نڪري ويل هوندي، مخدوم مينهل لکيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن کي رليف ناهي ڏنو، اهي سڀ پيسا ڪرپشن جي نظر ٿيندا، راشد خشڪ لکيو ته ضلعي ٺٽي تعلقي گھوڙاٻاڙي ۾ ھنن ترقياتي ڪمن جي بجيٽ پنھنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ خرچ ڪئي آھي ڪوڙا بل ٺاھي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا، رميش ڪمار لکيو ته ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن ۾ ٿيل هوندا آھن هن ڀيري به ائين ئي ٿيندو، نادر ابڙو لکيو ته اهو عمل سرڪار جو غلط آھي اسڪيمون بند ڪرڻ، سنڌ کي برسات ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آھي اهي فنڊ بند ڪري پنهنجون پورايون ڪندا عوام سدائين رولڙي جو شڪار بڻيل آھي، انجان سهندڙو لکيو ته ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ھوندا باقي ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا.سنڌ ساڳي سورن ۾، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته حڪومت ترقياتي ڪم بند ڪري عوام جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، حسين ٽانوري لکيو ته ترقياتي ڪم 15 سالن ۾ سنڌ ۾ ٿيا ڪھڙا آھن بس ترقياتي ڪمن جي نالي تي بجيٽ رکي ويندي آھي اھي ايم اين اي ۽ ايم پي اي انھي سان پنھنجا ڀڀ ڀريندا آھن، سمير احمد لکيو ته ڪاڇو ڳوٺ پريو جمالي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، عبدالجبار لوڊو لکيو ته سنڌ حڪومت جو اهو پراڻو ڍونگ آهي بدين سميت ڪٿي به عملي ڪم ناھي ٿيو ٻھراڙين روڊ بجلي صحت گيس پاڻي سميت ڪابه سهولت ناهي پر شهرن ۾ به ناهي سنڌ تباهه ٿيل آهي. شنڪر لال لکيو ته ھن ۾ عوام کي ڪجھه به فائدو ڪونھي ملندو سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو، ساگر ديو مل لکيو ته ھي ته راضي ھن ۾ ئي آھن ته ڀلي روز قدرتي آفتون اچن ۽ ٻين ملڪن مان مال وٺون، اسلم سمون لکيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سموريون اسڪيمون اتي ئي ختم ٿي وينديون، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته منھنجي ڳوٺ علي آباد ۾ ھڪ سرڪاري سر به ناھي لڳي ڪافي سال گزري ويا، شعيب سليم شورو لکيو ته اسان وٽ شهر ٻنون ضلعو سجاول ۾ ڊرينيج جو ڪم بند ٿي ويو آهي 4 ڪلوميٽر روڊ منظور ٿيو آهي ان جو ڪم به رولڙي جو شڪار آهي، ابراهيم لنڊ لکيو ته اهي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، نجيب چانڊيو لکيو ته ڪرپشن ڪري کائي ويندا، ڀورل بلوچ لکيو ته انھن کي موقعو ملي ويو آھي ڪرپشن ڪرڻ جو، حڪيم ميرجت لکيو ته مس مس موقعو مليو آهي، امتياز لغاري لکيو ته ھنن کي بھانو ٿو کپي ڪم بند ڪرڻ جو، سنتوش ڪمار لکيو ته حڪمرانن کي بهانو ملي ويو، مهراڻ خان بلوچ لکيو ته هن حڪومت کان ڪم جي اميد به نٿي ڪري سگهجي، عبدالله خان لکيو ته ھي ته راضي ھن ۾ ئي آھن ته ڀلي روز قدرتي آفتون اچن ۽ ٻين ملڪن مان مال وٺون، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته رستا روڊ بحال ٿيندا تہ ترقياتي ڪم بہ شروع ٿي ويندا ھينئر سڄو سسٽم ئي ڊانوان ڊول آھي تہ ترقياتي ڪم وري ڪيئن ٿيندا اڳي ڪهڙا ڪم ٿيا جو هاڻي ٿيندا، عبدالله خان لکيو ته ھي ته راضي ھن ۾ ئي آھن ته ڀلي روز قدرتي آفتون اچن ۽ ٻين ملڪن مان مال وٺون، الياس سمون لکيو ته پھرين ڳالهه ته ھي ٻوڏ ناهي ھي ھٿرادو ڊرامو رچائي ماڻهو بي گهر ڪري ماريا پيا وڃن ھن وقت انڊس ڊيلٽا پياسو آهي ڊيلٽا کي پاڻي جي ضرورت آهي پر پاڻيءَ کي رستو نه پيا ڏين سمنڊ ھن پاڻيءَ کي ھڪ گراھ جيان ڳڙڪائي پيو پر سنڌ سرڪار ھر صورت ۾ پوري سنڌ ٻوڙيندي، سڪندر علي لکيو ته ڪم اڳئي ڪهڙا ٿيا آهن جو هاڻ رڪجي ويا آهن ٻوڏ آئي آهي هنن جي عيد کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي آهي هر ضعلي ۾ ڪروڙين رپين جو راشن مليو آهي ٻوڏ متاثرن بجاءِ پنهنجي ماڻهن وٽ ۽ خالي ڪاغذن تائين بس غريب اتي جو اتي. غريبن کي امداد بجاءِ روزگار جو ڪو موقعو ڏيو، اصغر علي لکيو ته ٻوڏ سبب سنڌ سرڪار جي چاندي ٿي وئي ٻوڏ جو سبب ڄاڻائي ھاڻي اھي آزادانه طريقي سان لٽ مار ڪندا انھن جون سڀ شگرملون ۽ ٻيا ڪاروبار ايترو مال ڪونه ڪمائيندا جيترو ھنن کي ٻوڏ ڪمائي ڏيندي بيحسي ۽ دولت جي ھٻڇ انھن کي ايترو انڌو بنائي ڇڏيو آھي، خير محمد جمالي لکيو ته رٿائون انسانن جي سهولت لا ھونديون آھن ۔ھينئر رٿائن کان وڌيڪ انسانن جي جان بچائڻ جي ضرورت آھي، وقت جي ضرورت مطابق بوڏ متاثرن کي رٿائن کان وڌيڪ رليف جي ضرورت آھي، انهن کي کاڌ خوراڪ۔دوائن ضرورت وارن شين جي سخت گهرج آھي، رٿائون پوءِ به مڪمل ٿي سگهن ٿيون. لياقت علي نهڙي لکيو ته پوري سنڌ ۾ بريڪ آهي ڪٿي به ڪم نه پيو ٿئي ،ياسر خان لکيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي سنڌ جو سي ايم صرف ڦوٽو سيشن لاءِ ٻاهر نڪري ٿو ان کي سنڌ جي ماڻهن جو ڪو احساس ناهي سمورا شهر پاڻي هيٺ آهن پر ڪٿي به پاڻي نيڪالي جو بندوبست ناهي ڪيو ويو سنڌ جا ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهن انهن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، گل حسن ملاح لکيو ته بلڪل غلط فيصلو آھي، آزاد احمد بلوچ لکيو ته پهريان اهو ته ٻڌايو ته ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿيا آهن،حبيب الله عمراڻي لکيو ته انھن کي ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي.