ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه ناليواري عالم مولانا طارق جميل مان متاثر ٿي اسلام قبول ڪرڻ پئي چاهيو. انضمام الحق جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته مولانا طارق جميل روز اسان وٽ ايندو هو ۽ اسان هڪ ڪمرو ٺاهيو هو، جتي روز نماز پڙهندا هئاسين ته مولانا سج لٿي جي نماز پڙهائي ٿوري دير رانديگرن سان ڳالهيون ڪندو هو. هن چيو ته آئون ڏسي رهيو هيس ڪجهه ڀارتي رانديگر عرفان پٺاڻ، محمد ڪيف ۽ ظهير خان نماز جي دعوت تي اسان وٽ ايندا هئا پر انهن کانسواءِ به ڪجهه رانديگر هئا، جيڪي نماز نه پڙهندا هئا ۽ ويهي مولانا طارق جميل جون ڳالهيون ٻڌندا هئا. انضمام الحق موجب هڪ ڏينهن هرڀجن مون کي چيو ته منهنجي دل چوندي آهي ته ان شخص جي ڳالهه مڃان، توڙي جو هرڀجن کي طارق جميل بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي،