نيوڇور ۾ بابا نصر ولي ڪلب جشن آزادي ٽورنامينٽ کٽي ورتو

0
196

نيوڇور(ن پ ا) نيوڇور شھر ۾ بابا نصر الله ولي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرايل ٽيپ بال جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل بابا نصر الله ولي ڪرڪيٽ ڪلب نيوڇور ۽ اسد اليون ڪرڪيٽ ڪلب ٻانڌو وچ ۾ ٿيو. بابا نصر الله ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي 3 اوورن ۾ 60 رنسون ٺاھيون جنھن ۾ جيوت ڪمار 35 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ اسد اليون40 رنسون ٺاھي سگھي. مھمان خاص خميسو نھڙي، راجيش مھيشوري، ابراھيم سومرو، نور محمد نھڙي، سروپ سنگھه سوڍو، گل محمد نھڙي ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان ممتاز سومرو کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ۽ رنراپ ٽيم جي ڪپتان اسد سميجو کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ، مين آف دي ميچ جيوت ڪمار، مين آف دي سيريز ناصر سومرو، بيسٽ ڪامينٽر استاد الياس آفاقي کي ٽرافيون ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.