نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهري فيروز ۾  گندگي ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهرين پاران ريلي ڪڍي احجتاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سائينداد رند، ماھنور شيخ، عجيب رند، احسن کوسو، نويد راڄپر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، گندو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي پر انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، صفائي ڪرائي وڃي.