حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت پاران 6 مهينا اڳ خاطري باوجود صحت کاتي جا ملازم هيلٿ رسڪ الائونس کان محروم آهن جنهن ڪري انهن ٻيهر مطالبن جي مڃتا لاءِ سول اسپتال سميت سرڪاري اسپتالن ۾ 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪندي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ٿيا ته هو ٻيهر سنڌ جي اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا. ان سلسلي ۾ جي اي سي اڳواڻ ڊاڪٽر پير منظور، محمد شريف پالاري، عبدالغفار رند ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ ڪيل واعدي موجب سنڌ سرڪار صحت کاتي جي ملازمن کي بنيادي پگهار موجب رسڪ الائونس فراهم ڪري ٻي صورت ۾ هو احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا. هنن چيو ته صحت کاتي جا ملازم ڪيتري ئي عرصي کان هيلٿ رسڪ الائونس کان محروم آهن جنهن ڪري مهانگائي سبب سندن گهر جو گذر سفر ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. 4 مهينا ڪراچي ۾ احتجاج دوران سنڌ حڪومت پاران سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني جي اڳواڻي ۾ وزيرن جي وفد هلندڙ سال واري بجيٽ ۾ هيلٿ رسڪ الائونس شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو وفد سيڪريٽري صحت سان مليو. کيس سرڪار جو ڪيل واعدو ياد ڏياريو ويو آهي پر سندن مطالبن کي سنجيدگي سان نٿو ڏٺو وڃي جنهن سبب ملازمن ۾ سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته صحت کاتي جي ملازمن لاءِ مستقل بنيادن تي رسڪ هيلٿ الائونس جو اعلان ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو ايندڙ هفتي کان او پي ڊيز جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندا.