ڪراچي(شوبزنيوز) سنڌي ٻولي جي مختصر فلم ريگستان پار ڪندڙ ريل يا اي ٽرين ڪراسس دي ڊيزرٽ ستين عالمي فلمي ميلي لاءِ چونڊي وئي آهي. گوئٽي انسٽيٽيوٽ 2019ع ۾ نوجوان فلمسازن لاءِ فيلوشپ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان جي 15 نوجوانن جي چونڊ ڪئي وئي جن ۾ ڪراچي واسي راهول اعجاز به شامل آهي. راهول ئي هن فلم جو هدايتڪار ۽ ليکڪ آهي. هن ٻڌايو ته گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڏنل فنڊ مان اها فلم ٺاهيم. هي فلم 6 عالمي فلم ميلن ۾ ڏيکاري چڪا آهيون جيڪي ڀارت، ميڪسيڪو، ترڪي ۽ آمريڪا ۾ ٿيا. هاڻ اها فلم سيپٽمبر ۾ روس جي ڪازان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول لاءِ چونڊي وئي آهي، جتي اها روسي ٻولي ۾ ترجمو ڪري ڏيکاري ويندي. فلم جي ڪهاڻي ٻن ڀائرن جي چوڌاري گهمي ٿي جن مان هڪ ڪينسر جو مريض آهي، هو پنهنجي درد مان نڪرڻ چاهي ٿو ۽ مرڻ چاهي ٿو، هو ڀاءُ کي درخواست ٿو ڪري ته کيس ماري ڇڏي. راهول جو چوڻ آهي ته فلم کي مرڪزي خيال کان تڪميل ۾ 6 مهينا لڳا، بجيٽ گهٽ هجڻ ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ شوٽ ڪيم، اسڪرپٽ لکڻ ۾ ڏيڍ مهينو لڳو. ڪورونا وائرس جي ڪري دير ٿي، ٽي چار مهينا ايڊيٽنگ ۾ لڳا. هن چيو ته سنڌي شارٽ ۽ فيچر فلمن جو وڏو اسڪوپ آهي پر هتي تمام گهٽ ماڻهو سنڌي فلم ٺاهڻ جو سوچيندا آهن. منهنجي فلم کي عام ماڻهن ۽ فلمسازن تمام گهڻو ساراهيو آهي، تمام سٺي موٽ ملي آهي، هاڻ سنڌي ثقافت تي فلم ٺاهيندس، جيڪا لکي ورتي اٿم ۽ جلد ئي ان تي ڪم شروع ڪندس. هن چيو ته سنڌي فلمساز سنڌي فلمون نه ٺاهيندا ته ٻيو ڪري ٺاهيندو. هن چيو ته هي پهرين سنڌي فلم آهي جيڪا ملڪ کان ٻاهر ڏيکاري وئي آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ اها فلم آگسٽ ۾ رليز ٿي ويندي، مون سنڌي فلمن جو اسڪوپ ٺاهڻ لاءِ ئي هي فلم ٺاهي آهي. هن چيو ته ٻين ماڻهن کان اها اميد ڪرڻ ته هو سنڌي فلم ٺاهيندا اها انهن ماڻهن سان ۽ سئنيما سان به ناانصافي آهي. اسان سنڌي سئنيما جو ٻج ته ڇٽيون پاڻهي ٻوٽو ڦٽي پوندو.