ڪراچي(شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي ته هو تمام جلد فاروق ستار ۽ پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن جي اصليت بي نقاب ڪندي ۽ هنن جي گهروارين کي هنن جا ڪرتوت ٻڌائيندي، انسٽا گرام تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ حريم شاهه چيو آهي ته فياض الحسن چوهان ۽ فاروق ستار منهنجي باري ۾ غلط ۽ ٻي بنياد ڳالهيون ڪري عوام کي پنهنجي صادق ۽ امين هجڻ جا دليل ڏئي رهيا آهن، هن فياض الحسن چوهاڻ کي مخاط ٿيندي چيو ته مان توهان جي گهڻي عزت ڪندي هئس، ميڊيا جڏهن به توهان جي باري ۾ سوال ڪيو ته مان توهان کي هڪ سٺو انسان قرار ڏنو، ڪڏهن به تنهنجي اصليت نه ٻڌائي، حريم شاهه جو چوڻ آهي ته فياض الحسن صاحب مان توهان کي سڀني جي سامهون بي عزت نٿي ڪرڻ چاهيان ۽ نه ئي توهان جو سياسي ڪيريئر خراب ڪرڻ چاهيان ٿي، هي مان ۽ منهنجو الله ڄاڻي ٿو ته توهان ڪهڙي قسم جا انسان آهيو. حريم شاهه ڊاڪٽر فاروق ستار کي به مخاب ٿيندي چيو ته توهان ڪوڙ نه ڳالهايو، تون پاڻ مونسان سان ملڻ لاءِ بي چئين هئين ۽ 6 مهينن کان چوندو هئين ته تون جڏهن به ڪراچي ايندين ته منهنجي مهمان ٿيندين ۽ جڏهن مان ڪراچي آيس ته فاروق ستار صاحب پاڻ اچي ڪري مون سان هوٽل ۾ مليو، هن فياض الحسن چوهاڻ ۽ فاروق ستار کي وڊيو بيان ۾ چيو ته پهريان توهان ٻئي پنهنجي زالن سان وفا ڪيو، مان تمام جلد توهان جي گهروارين کي توهان جا ڪرتوت ٻڌائينديس، پوءِ هنن کي خبر پوندي ته توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيون ۽ ڪهڙيون حرڪتون ڪيو ٿا.