سکر(بيورو رپورٽ) سکر ڊسٽرڪٽ بار طرفان جسٽس صلاح الدين پنھور جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جسٽس صلاح الدين پنهور ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته نوان مقرر ٿيندڙ ججز مقرري کان پوءِ  وڏيرا ٿي وڃن ٿا، ججن ۽ وڪيلن کي احترام وارو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، عدالتن ۾ ججن کي مائي لارڊ جي چئي مخاطب نه ڪرڻ گھرجي، مائي لارڊ انگريزن واري دور ۾ چيو ويندو ھو ۽ غلامي طور استعمال ٿيندو هو. اسان سڀ آزاد آهيون. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جو وڏو ڪم آهي جيڪڏهن بهتر نموني ڪم کي نڀائين ته اسان سرانجام ڏنو وڃي ته اسان وٽ گهٽ ڪيس ايندا. ان کان اڳ جسٽس صلاح الدين پنهور کي ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر شفقت رحيم راجپوت، نائب صدر راحب ملاڻو، اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ملاڻو ۽ ٻين سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ۽ سندس طرفان امن امان توڙي ٻين معامرن تي ڪيسن کي بهتر نموني اڪلائڻ ۽ بهترين فيصلن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.