مريد شاخ/عادلپور/اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو+ماجد علي ڪلوڙ+نذير احمد ٿهيم) کنڀڙا ٿاڻي جي حد سي پيڪ تي انٽر چينج وٽ هوٽل تي ويٺل ڏوهارين کان کنڀڙا پوليس گشت دوران ڳجھي اطلاع تي پهچي پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ دوران کنڀڙا ٿاڻي جو اي ايس آءِ ۽ عادلپور واسي امان الله ابڙو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو. جنهن بعد اهڙي واقعو جو اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ تائين پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ۽ مقابلي دوران ٻه ڏوهاري به مارجي ويا ۽ هڪ ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ جڏهن ته شهيد ٿي ويل پوليس آفيسر ۽ مارجي ويل ڏوهاري جي لاشن کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو.  ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچي ڪري واقعي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي.شهيد ٿي ويل پوليس آفيسر امان الله ابڙو جو مڙهه ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس جي جنازي نماز ايس ايس پي آفيس پول لائين ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه آباڻي ڳوٺ عادلپور ڀرسان ڳوٺ گولو ابڙو جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ڊي جي آئي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اکين ڏٺي شاهد هوٽل مالڪ موجب چانهه جي هوٽل تي چانه پيئڻ لاءِ ويٺل 3 ڏوهارين جي ڳجهي اطلاع تي کنڀڙا ٿاڻي جي پوليس چانهه جي هوٽل تي پهتي ته فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي ۽ ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ موقعي تي شهيد ٿي ويو ۽ ڏوهاري ڪڻڪ جي فصل ۾ پڄڻ لڳا ته پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ هڪ فرار ٿي ويو.