اسلام آباد ( بيورو رپورٽ/ م ڊ ) آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پرڏيهه مان مهانگي ڪڻڪ گهرائي، جنهن سبب مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي قومي ناڻي کي 31.32 ملين ڊالرز جو نقصان ٿيو. آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2017ع کان 2022ع تائين مهانگي ڪڻڪ خريد ڪري آندي وئي، جڏهن ته ٽي سي پي ۽ پاسڪو جي ڀيٽ ۾ پرائيوٽ سيڪٽر طرفان سستي ڪڻڪ برآمد ڪئي وئي.