ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران ٽن ضلعن جي ڊائريڪٽرن جون بدليون ۽ مقرريون، ڊپٽي ڊائريڪٽر علي اسد کي سينٽرل ضلعي جي اضافي ڊائريڪٽر واري سيٽ حوالي، ڪالهه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ ٽن ضلعن جي ڊائريڪٽرن کي بدلي ڪري ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جاري نوٽيفڪيشن موجب غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث سينٽرل جي ڊائريڪٽر عامر ڪمال جعفري کي غير قانوني اڏاوتن واري الزام ۾ هٽائڻ بجاءِ سينٽرل ضلعي مان بدلي ڪري ضلعي اولهه جي ذميواري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اولهه جي ڊائريڪٽر سيد آصف رضوي کي بدلي ڪري ضلعي اوڀر جي ڊائريڪٽر جي سيٽ ڏني وئي آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر علي اسد کي ضلعي سينٽرل جو سربراهه بڻايو ويو آهي، ڊي جي عبدالرشيد سولنگي جي منظوري سان ٽنهي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.