پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنو عاقل مان وڌيڪ هڪ ڄڻو ڌاڙيلن هٿان اغوا، ٽن ڏينهن ۾ 4 ڄڻا اغوا ٿي چڪا، پوليس ڪارروائي نه ڪئي، خبر موجب شھر کان ڳوٺ ويندي قومي شاھراهه تان ڌاڙيل دڪاندار شوڪت ڪورائي کي اغوا ڪري ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪانٽي وٽان ايل پي جي دڪان بند ڪري ڳوٺ ويندي نوجوان کي ڏوھاري اغوا ڪري ويا، اطلاع تي وارثن ۽ پوليس پهچي پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ بند وٽ گم ٿي ويا، جنهن بعد پوليس واپس موٽي آئي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ساڳي ھنڌ تان آرا مشين تي ستل پورھيت غلام حيدر دايو کي ڏوھاري اغوا ڪري ويا هئا، 4 ڏينهن اڳ ساڳي ئي بائيجي ٿاڻي جي حد مان ٿاڌل ھلائيندڙ ٻن پورھيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي اغوا ٿي ويو هو، ٽن ڏينهن ۾ ڌاڙيل 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن، هوڏانهن ايس ايس پي سکر بائيجي ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ھٽائي ڇڏيو آھي.