نه 30 نه 32 همراهه جي وات ۾ سڄا سارا 82 ڏند!

0
372

پٽنا(انتريسٽنگ نيوز) ڀارت جي شره پٽنا ۾ هڪ انوکو واقعو ٿيو آهي جتي 17 ورهين جي ڇوڪري جي وات مان 82 ڏند ڪڍڻ لاءِ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. شهر واسي نتيش ڪمار نالي ڇوڪرو 5 سالن کان اوڊونٽوما نالي بيماري جو شڪار هو جيڪا ٽيومر جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ڏندن جهڙا غيرمعمولي نشان ڦٽي پوندا آهن. هو ڪيترن ئي سالن کان ان بيماري ۾ مبتلا هو پر علاج ڪرائي نه سگهيو هو جنهن ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي هئي. سندس حالت ايتري بگڙي وئي جو آپريشن کانسواءِ ٺيڪ نه پئي ٿي سگهيو. سندس هيٺين ڄاڙي عام ماڻهن کان مختلف هئي ۽ سندس چهري تي ڄاڙي واضح نموني ظاهر هئي. سندس آپريشن ڪندڙ انڌرا گانڌي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊاڪٽر پريانڪر سنگهه ٻڌايو ته جڏهن نتيش اسان وٽ آيو ته هن ڄاڙي جي سوڄ ۽ پنهنجي تڪليف جي باري ۾ ٻڌايو. جاچ کانپوءِ خبر پئي ته کيس اوڊونتوما ٽيومر آهي جيڪو ڏندن جي واڌ ويجهه ڪندڙ مادي ۾ خرابي جي ڪري پيدا ٿيو. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٽن ڪلاڪن جي آپريشن دوران ڄاڙي ۾ پکڙيل ٽيومر جي سرجري ڪئي وئي جنهن بعد نتيش جي وات مان اهي اضافي ڏند ختم ڪيا ويا ۽ هاڻ صحتمند ۽ تندرست آهي.