فلسطين جي روايتي وڏي ماني جي کپت ۾ اضافو، تبون پچائيندڙ تاريخ جو امين قرار

0
280

غزه(انٽريسٽنگ نيوز) فلسطين ۾ روايتي ماني جي گهرج به وڌي آهي توڻي جو جديد دور ۾ ماني پچائڻ ۽ ماني جا نوان طريقا ۽ نوان ذائقا به موجود آهن. اولهندي ڪناري جي شهر سلفت ۾ رهندڙ 84 ورهين جو يوسف شاهين پنهنجي ننڍڙي بيڪري يا تندور ۾ اها ماني پچائي وڪرو ڪندو آهي جنهن جو نالو تبون آهي. هو 8 ٻارن جو پيءُ آهي. سندس چوڻ آهي ته پنهنجي ڪاروبار کي جديد بيڪرين جي اثر کان بچائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته آئون جڏهن ڇوڪرو هيس ته تڏهن کان هي ڪم ڪري رهيو آهيان. ابن ڏاڏن کان اهو ڪم ورثي ۾ مليو اٿم. هن وقت 67 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو اٿم. شروع ۾ هن پنهنجي هن ماني پچائڻ واري فن کي روزي روٽي جو ذريعو نه بنايو پر ماڻهن جي دلچسپي ڏسي ان کي اختيار ڪيائين. هن تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ اولهندي ڪناري جي ڪيترين ئي بيڪرين کي ڏٺو، جتي هو هاڻ به نوجوانن کي اها ماني پڇائڻ جو هنر سيکاريندو آهي. ۽ هن اولهندي ڪناري ۾ ڪيترائي شاگرد به پيدا ڪيا. هن تبون سان گڏ مکڻ واريون پيسٽريون به ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي ڪاروبار جو حصو بڻايو. سندس چوڻ آهي ته منهنجي تبون ۽ پيسٽرين ۾ غذائي شيون شامل آهن جنهن سان انهن جو ناشتو ڪرڻ سان توانائي ايندي آهي. هو سمورين شين ۾ ڪڻڪ جو اٽو ۽ زيتون جو تيل استعمال ڪندو آهي. بيڪري جي مالڪ عبدالمومن المصري جو چوڻ آهي ته شاهين بيڪري جي دنيا جو هيرو بڻجي ويو آهي کيس جلد تيار ڪندڙ سان گڏ روايتن جو امين به ڪوٺيو ويندو آهي، هو چئن ٻين بيڪرز سان گڏجي سموري علائقي لاءِ روز سوين تبون تيار ڪندو آهي اسان جي ڀروارن علائقن ۾ به تبون جا گراهڪ موجود آهن. اها خاص تبون آهي جنهن ۾ اسان جي تاريخ جي خوشبو آهي.