ڳڙھي ياسين مان مبينا اغوا ٿيل نينگر ھٿ نھ آيو، وارثن جو احتجاج

0
191

ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين شھر مان 14 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نينگر قدير ميمڻ واپس نھ ٿيو، پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نھ ڪيو، نينگر جي وارثن ۽ ميمڻ نوجوان سنگت اتحاد جي اڳواڻن شڪيل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته 14 ڏينھن اڳ اسحاق موھل ۽ گھرام موھل اسان جي 12 ورھين جي نينگر قدير ميمڻ کي اغوا ڪري ويا آھن اسان کي خوف آھي ته ھو اسان جي نينگر کي وڪرو يا قتل ڪندا پوليس به ڪجھ نٿي ڪري، نينگر واپس ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.