ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پونجو ڪولهي، نارائڻ ميگهواڙ، منگل ميگهواڙ، گڀو ميگهواڙ، پونو ڪولهي ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته جيڪي بااثرن جا ماڻهو آهن انهن ملازمن کي ايڊمنسٽريٽر گهر ويٺي پگهارون موڪليون پيون وڃن، جڏهن ته اسان کي ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون ڏئي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.