ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل فصلن جو  ازالو نه ڪرڻ خلاف ايوان زراعت سکر ڊويزن پاران ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو ـ ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن غلام حسين چاچڙ،  محمد حاجن مھر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب آبادگار ۽ ھاري سخت متاثر ٿيا آھن،  سکر ڊويزن ۾ کجي،  ڪپهه،   انب ۽ ڪيلو تباھ ٿي ويو،  جنهن سبب آبادگار قرضي بڻجي ويا آھن،  حڪومت پاران آبادگارن کي ڪو رليف نه ڏنو ويو آهي،  ھنن مطالبو ڪيو ته زرعي مشنري تي سبسڊي ڏئي  بنا وياج قرض ڏنا وڃن ـ