ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي چونڊ ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري پروفيسر سيد انور علي شاھ ۽ ڪاروباري ڪميٽي تي ٺٽي جي ليکڪا عزيزه حنا عباسي چونڊجي وئي. ان ڏس ۾ ساس مرڪز جي پريس ترجمان رمضان ميمڻ جي مگراني ۾ ساس پاران مقرر ڪيل چونڊ ڪميٽي جي ميمبرن نبي بخش پريمي ، وفا اڪرم مڱڻهار ۽ محبوب درس پاران ساس ٺٽو شاخ ٺٽو جي سال 2023ع جي چونڊ ٿي گذري چونڊ ۾ پروفيسر سيد انور علي شاھ کي سيڪريٽري جڏهن ته نبي بخش بهراڻي جوائينٽ سيڪريٽري ، لعل بخش ڪاتيار ڪائونسلر، احسان هالو آڊيٽر، وفا صلاح الدين بروهي خزانچي جڏهن ته ساس شاخ ٺٽو جي ڪاروباري ڪميٽي تي ٺٽي جي ليکڪا عزيزه حنا عباسي، احسان بهراڻي، غلام نبي مگسي، ناز ڀٽو ناهيو، انور آرزو ميمڻ ۽ فقير غلا م حسين گگدام چونڊيو ويو.