نندو (ن پ ا) نندي بي آءِ ايس پي سينٽر تي بي آء ايس پي جي آيل رقم مستحق عورتن پاران  نہ ملڻ ء سينٽر تي مقرر ڪيل 23 ڊوائيس ھولڊر گم ھجڻ  خلاف ٿر ڪول باء پاس روڊ تي سوين مستحق عورتن ء گھرڀاتين سميت احجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مستحق عورتن شمائلا ملاح، بصران ملاح ،حليما خاصخيلي، مجيد ميراڻي ٻين سخت احتجاج ڪندي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو تہ گذريل ٻن ڏينھن کان اسان سينٽر تي اچي رھيا اھيون سڄو ڏينھن ايل رقم وصول ڪرڻ لاء تتل اس م  انتظار ڪندا رھون ٿا مگر انتظاميا طرفان مقرر ڪيل  ڊوائيس ھولڊر گم رھن ٿا ء اسان کي شام جو واپس روانو ڪريو ڇڏين ھنن ڊي سي بدين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ اسان کي ايل رقم ڏني وڃي نہ تہ ٻي صورت م اسان جو احتجاج جاري رھندو.